برطانيا جي ٽن وڏن ايئرپورٽن مانچسٽر، اسٽينسٽيڊ ۽ ايسٽ مڊلينڊز تي سائبر حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 87 لک صارفين جو ڊيٽا متاثر ٿيو آهي.رپورٽن موجب هيڪرز صارفين جا اي ميل ايڊريس، فون نمبر، پوسٽ ڪوڊ ۽ گاڏين جا رجسٽريشن نمبر حاصل ڪري ورتا آهن. مانچسٽر ايئرپورٽس گروپ جو چوڻ آهي ته اڪثر صارفين جو صرف اي ميل ايڊريس متاثر ٿيو آهي.
يئرپورٽس گروپ موجب هيڪرز ڊيٽا واپس ڪرڻ لاءِ ڀنگ جي رقم (تاوان) طلب ڪئي، پر انتظاميا رقم ادا ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
انتظاميا جو چوڻ آهي ته سائبر حملي سبب مسافرن جي حفاظت، ايويئيشن سيڪيورٽي يا پروازن جي آپريشن تي ڪو به اثر نه پيو ۽ ٽنهي ايئرپورٽن تان پروازون معمول موجب جاري آهن.
متاثر ٿيل ڊيٽا ۾ ايئرپورٽ وائي فائي، ڪار پارڪنگ، لائونج ۽ فاسٽ ٽريڪ بڪنگ سان لاڳاپيل معلومات شامل آهي، جڏهن ته صارفين جي بينڪ ۽ ادائيگي بابت معلومات هيڪرز تائين نه پهتي.مانچسٽر ايئرپورٽس گروپ کي سائبر حملي جي خبر اڱاري ڏينهن پئي، جنهن کان پوءِ فوري طور تي قدم کڻي خطري کي محدود ڪيو ويو.
انتظاميا صارفين کي خبردار ڪيو آهي ته هو ايندڙ ڏينهن ۾ ڪنهن به مشڪوڪ اي ميل، فون ڪال يا ٽيڪسٽ پيغام کان محتاط رهن.
