پي ٽي اي جو اهم فيصلو، موبائل بيلنس جي گهٽ ۾ گهٽ مُدي 180 ڏينهن مقرر

پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) صارفين جي مفادن جي تحفظ لاءِ پري پيڊ موبائل بيلنس جي گهٽ ۾ گهٽ مُدي 180 ڏينهن مقرر ڪري ڇڏي آهي.پي ٽي اي پاران جاري ڪيل بيان موجب سمورن موبائل آپريٽرز جي ري چارج ۽ بيلنس جي گهٽ ۾ گهٽ مُدي 180 ڏينهن هوندي، جنهن جو اطلاق هڪ آڪٽوبر 2026ع کان ٿيندو.پي ٽي اي موجب جيڪڏهن بيلنس جي مُدي ختم ٿي وڃي ته سم جي قابلِ استعمال رهڻ دوران ٻيهر ري چارج ڪرڻ تي ختم ٿيل بيلنس پاڻمرادو بحال ٿي ويندو ۽ صارف ان کي ٻيهر استعمال ڪري سگهندو.اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد صارفين جي حقن جو تحفظ، منصفاڻي ڪاروباري ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ٽيلي ڪميونيڪيشن شعبي ۾ جدت کي فروغ ڏيڻ آه