قومي ٽيم جي آل رائونڊر سلمان علي آغا لارڊز ٽيسٽ ۾ سلپ تي شاندار ڪيچ پڪڙي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن سلمان علي آغا پاڪستان جي ٻارهين رانديگر طور ميدان ۾ موجود هو ۽ پنهنجي شاندار فيلڊنگ ذريعي ڪمنٽيٽرن کي به متاثر ڪيو.سلمان علي آغا کي پاڪستان جي بهترين ۽ محفوظ سلپ فيلڊرن مان هڪ سمجهيو وڃي ٿو. انگلينڊ جي اننگز جي 48هين اوور ۾ خرم شهزاد جي بال تي جارڊن ڪاڪس بئڪ فوٽ ڊرائيو کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بال بيٽ جو ڪنارو لڳڻ کانپوءِ سلپ ۾ سلمان علي آغا جي ساڄي پاسي وئي.سلمان علي آغا فوري ردِعمل ڏيکاريندي ساڄي پاسي ڊائيونگ ڪري مشڪل ڪيچ پڪڙي ورتو، جنهن تي ڪمنٽيٽر پڻ سندس شاندار فيلڊنگ جي تعريف ڪرڻ تي مجبور ٿي وي
