ايراني صدر مسعود پزشڪيان: پائيدار امن جي بنياد وچ اوڀر مان ئي رکڻي پوندي

تهران: ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته جيڪڏهن دنيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻو آهي ته ان جي بنياد وچ اوڀر جي خطي مان ئي رکڻي پوندي.تهران ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي مسعود پزشڪيان چيو ته ايران جنگ جو خواهشمند ناهي، پر ڪنهن به جارحيت جو ڀرپور مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.ايراني صدر جو چوڻ هو ته مضبوط عزم رکندڙ قوم کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي، ايران ڪنهن به ڌمڪي آڏو ڪنڌ نه جهڪائيندو.هن چيو ته ايران جنگ شروع ناهي ڪئي ۽ نه ئي جنگ چاهي ٿو، پر جيڪڏهن ڪنهن طرفان جارحيت ڪئي وئي ته ايران پنهنجي پوري طاقت سان ان جو مقابلو ڪندو.
مسعود پزشڪيان خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ علائقائي ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ باهمي اعتماد کي انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته خطي جي ملڪن کي پنهنجي سلامتي ۽ مستقبل بابت فيصلا پاڻ ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.