آزاد ڪشمير جي 8 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس مرحليوار بحال ڪرڻ جو فيصلو

مظفرآباد: آزاد ڪشمير جي شهرين لاءِ وڏي خوشخبري آهي ته حڪومت 8 ضلعن ۾ انٽرنيٽ سروس مرحليوار بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ آزاد ڪشمير جي گهرو کاتي طرفان وفاقي گهرو وزارت کي درخواست موڪلي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب مظفرآباد ڊويزن ۾ ڊي ايس ايل سان گڏ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪئي ويندي.
باغ ۽ ڌيرڪوٽ ۾ انٽرنيٽ سروس صرف تعليمي ادارن ۽ بئنڪن لاءِ محدود ڊي ايس ايل ج صورت ۾ بحال ٿيندي، جڏهن ته حويلي ڪهوتا ۾ ڊي ايس ايل، ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ميرپور ۽ ڀمبر جي سمورن ضلعن ۾ ڊي ايس ايل انٽرنيٽ سروس دستياب هوندي.ٻئي طرف سهِنسه، سرساوه، بلوچ ۽ تته پاڻي ۾ ڊي ايس ايل سروس بحال نه ڪئي ويندي، جڏهن ته راولاڪوٽ ۽ سدهنوتي ۾ به في الحال انٽرنيٽ سروس بحال نه ڪئي ويندي.