مصطفيٰ ڪمال نفرت جي سياست ذريعي لنڊن واري جو گادي نشين ٿيڻ چاهي ٿو: شرجيل انام ميمڻ

مصطفيٰ ڪمال نفرت جي سياست ذريعي لنڊن واري جو گادي نشين ٿيڻ چاهي ٿو: شرجيل انام ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اڳواڻ شرجيل انام ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هو لساني نفرت ۽ تعصب کي هٿي ڏئي لنڊن واري بانيءَ جو گادي نشين بنجڻ جي باطل ڪوشش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪراچي جا عوام هاڻي بافيصلو ۽ شعور رکن ٿا، جن متحدھ جي نفرت واري سياست ۽ زهر اوڳاڇڻ واري عمل کي هميشه لاءِ رد ڪري ڇڏيو آهي.

ميڊيا سان گفتگو ڪندي سينيئر وزير چيو ته حڪومت ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين سنڌ جي شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي علائقن ۾ اتحاد ۽ ترقياتي ڪمن جو بنياد رکيو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻن پهريان به شهرين کي ڀٽڪائي تنها ڪيو ۽ هاڻي وري سياسي وجود بچائڻ لاءِ غلط بياني ۽ تعصب جي سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، پر ڪراچي جو عوام انهن جي چالن کان مڪمل طور آگاهه ٿي چڪو آهي.

شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سدائين يڪجهتي ۽ جوڙڻ جي سياست ڪئي آهي ۽ سنڌ جي سمورن قومن، فيڊريشن ۽ لساني گروھن کي هڪ زنجير ۾ ٻڌو آهي. مصطفيٰ ڪمال پنهنجي ماضيءَ جي شڪست، تنظيمي تباهي ۽ ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ عوام جي جذبات سان راند راندي رهيو آهي، پر روٽين جي غلط بيانيءَ ۽ هڙتالن واري ماحول مان عوام هاڻي مڪمل بيزار ٿي چڪو آهي.

صوبائي وزير موجب ڪراچي اندر امن امان، بهتر هائي ويز، جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ عوامي ترقياتي منصوبا پيپلزپارٽيءَ جي پائيدار حڪمت عمليءَ ۽ مسلسل محنت جو روشن ثبوت آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت بغير ڪنهن تعصب يا فرقيواريت جي بلا تفريق عمومي ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر وٽ تنقيد کان سوا ڪو به منشور ناهي رهيو.

هن سياسي اڳواڻن کي مشورو ڏيندي چيو ته تنقيد برائي اصلاح ۽ تجويز هئڻ گھرجي، جڏهن ته بي بنياد زهر اوڳاڇڻ، عوامي اتحاد کي نقصان پهچائڻ ۽ شهرين ۾ ويڳاڻپ پيدا ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي. ڪراچي جي عوام باصلاحيت آهي ۽ هو پنهنجي شهر ۽ ملڪ جي جاندار مستقبل جو فيصلو مثبت سياست ۽ ترقيءَ جي بنياد تي ڪندا.