سکر.ضلعاڪائونسل ورڪر يونين کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ضلعا ڪائونسل آفيس اندر ت…

سکر.ضلعاڪائونسل ورڪر يونين کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ضلعا ڪائونسل آفيس اندر ت...

(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر.ضلعاڪائونسل ورڪر يونين کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ جي خوشي ۾ ضلعا ڪائونسل آفيس اندر تقريب منعقد ڪئي وئي تقريب ۾ ورڪر يونين جي چيئرمين فرمان علي کوسو. صدرڏهيسر جاڳيراڻي. جنرل سيڪريٽري سيد اياز علي شاه سميت ٻين عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي. اڳواڻن تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ورڪر يونين جي محنت سان 15 سالن کانپوءِ ڊي پي سي ويهاري وئي آهي. هنن چيو ته ضلعا ڪائونسل ورڪر يونين جو هر ميمبر پنهنجي ڪم سان سچو اهي ۽ انهنن جي سچائي ۽ ڪوششن سان بيمار ملازمن کي ميڊيڪل ۽ مالي مدد ملي رهي آهي. هنن ضلعي چيئرمين سيد ڪميل حيدر شاه جا ٿورا مڃيدي چيو ته ضلعي چيئرمين جي حڪم تي آفيسرمڪمل سهڪار ڪري رهيا اهن ۽ غريب ملازمن جا جائز ڪم تڪڙا ٿي رهيا اهن.