ڪراچي: ڪراچي: پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو پاران نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن تي بحث لاءِ التوا واري رٿ پيش ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم پاران نثار کهڙو جي واکاڻ ڪئي وئي، ان ڏس ۾ ايم ڪيو ايم جي ڊپٽي پارلياماني ليڊر طحه احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن تي بحث ڪرائڻ وارو موقف ايم ڪيو ايم جي وڏي سياسي ڪاميابي ۽ موقف جي فتح آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ماضي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن تي ڳالهه ٻولهه کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي رهي آهي پر اڄ ساڳئي پارٽي پنهنجن ميمبرن کي هن معاملي تي بحث ۽ مباحثي جي دعوت ڏئي رهي آهي. طحيٰ احمد چيو ته اڳوڻي گورنر ڪامران ٽسوري جي دور ۾ به جڏهن انهي موضوع تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ته پيپلز پارٽي پاران سخت اعتراض واريا ويا هئا. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم وٽ ايترو انگ ۽ پوزيشن ناهي جو اها پاڻ التوا واري تحريڪ يا قرارداد پيش ڪري سگهي. ايم ڪيو ايم جي منشور جو حصو هجڻ باوجود جيڪو ڪم اسان نه ڪري سگهياسين، اهو ڪم اڄ پ پ ڪري ڏيکاريو آهي. هن چيو ته اهي پيپلز پارٽي جي صوبائي صدر نثار کهڙي جا ٿورائتا آهن، جنهن التوا واري تحريڪ پيش ڪري ايوان ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي معاملي تي بحث جو موقعو فراهم ڪيو آهي
ذريعن موجب لاڳاپيل اختيارين واقعي جو جائزو وٺندي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن واسطيدار ڌرين سان رابطا ڪيا پيا وڃن.
علائقي واسين ۽ عوام پاران معاملي کي قانون ۽ انصاف موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن حقيقي صورتحال سامهون اچي سگهي.
