متحده پاران انتظامي يونٽس جي کليل حمايت: فوج کان نئين آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو

ڪراچي: ڪراچي: متحده ميمبرن پاران التويٰ واري رٿ تي بحث دوران انتظامي يونٽس جي کليل حمايت، فوج کان آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو، ايم ڪيو ايم ميمبر ريحان اڪرم خطاب ۾ چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي 73ع واري آئين ۾ نون صوبن جو ذڪر ٿيل آهي ، انهي جو مطلب ته اڄ جيڪڏهن ڪٿي به صوبن لاءِ آواز اٿي ٿو ته اھو آئين مطابق آھي، اڌورو سچ سنڌ کي ترقي نه ڏياريندو. هن چيو ته پاڪستان ٺھڻ وقت خيرپور رياست موجود ھئي، ڇا انھي سان سنڌ ٽُٽي وئي؟ هن چيو ته سنڌ ۾ انتظامي يونٽس ٺھڻ سان سنڌ نه ٽٽندي، سنڌ ھڪ آھي ۽ ھڪ رھندي، هن چيو ته آئون انتظامي يونٽن جي حمايت ڪريان ٿو. شارق جمال چيو ته سنڌ جو هڪ انچ به هيڏانهن هوڏانهن نه ٿيندو، سنڌ جو هڪ انچ به پنجاب ۾ نه ويندو. اسان سنڌ جي خلاف ناهيون، نه ئي سنڌ جي ورهاست نٿا چاهيون، هتي انتظامي يونٽس ٺهڻ گهرجن، شارق جمال پيپلز پارٽي جي ميمبرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته نوان يونٽس ٺهڻ کانپوءِ توهان جا 6 وزيراعليٰ ٿي ويندا اسان کي پوءِ به ڪو اعتراض نه هوندو. متحده جي عادل عسڪري چيو ته نون صوبن جي ڳالهه ان ڪري ڪئي وڃي ٿي ته هتان جا حڪمران پنهنجي ڪارڪردگي کي نه ٿا سڌارين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ته هڪ مهيني ۾ مڪاني ادارن کي اختيار ڏنا ويندا، انهي تي عملدرآمد ڇو نه ٿيو؟ جيڪڏهن اھي حق ڏنا ويندا ته ڪو به مھاجر، پٺاڻ، پنجابي يا ٻيو ڪو سنڌ جي وحدت خلاف نه ڳالهائيندو ۽ نه ئي نون صوبن جي ڳالهه ڪندو. هن چيو ته بي آءِ ايس پي جي نالي تي ماڻهن کي پينو فقير بڻايو ويو آهي، سنڌو ديش جا نعرا ھڻندڙ ملڪ خلاف نعرا ھڻن ٿا انھن خلاف قرارداد ڇو نٿا آڻيو؟ هن وڌيڪ چيو ته ھن اسيمبلي ۾ ويٺل سيد 1947کان اڳ ۽ اسين پوءِ آيا آھيون اسان ۾ ڪو ٻيو فرق ناھي. هن چيو ته سنڌ اولهه ، سنڌ اوڀر، سنڌ اتر ۽ سنڌ ڏکڻ بڻجي سگهن ٿا، ائين پنجاب ۾ به ٿي سگھي ٿو. هن چيو ته فوج کان آدمشماري ڪرائي وڃي ته کير جو کير ۽ پاڻي جو پاڻي ٿيندو. متحده ايم پي اي محمد عامر چيو ته توهان ٻاهرين مُلڪن ۾ ملڪيتون ٺاهيون، سنڌ ۾ ڪو اهڙو ضلعو ناهي جنهن ۾ آبادگارن جي زمينن تي قبضا نه ٿيا هجن. پهرين ته اهو ڏٺو وڃي ته نون صوبن جي ڳالهه ٿئي ڇو پئي؟ آخر ڪهڙا سبب آهن؟ لاڙڪاڻي ۽ نوابشاھ ۾ به اِي چالان لاڳو ٿيو آهي ته ايوان ۾ ٻڌايو وڃي. ڪراچي ۾ ڇا پيو ٿئي؟ اهو به ٻڌايو وڃي. نون صوبن تي بحث ان لاءِ به ٿئي پيو ته منهنجي يوسي ۾ رهندڙن کي هڪ کان 4 گريڊ واري نوڪري ناهي ملي، اها نوڪري به ٻاهرين ماڻھو کي ملي ٿي. اهو به ٻڌايو وڃي ته پرائيوٽ سيڪٽر ۾ ماڻهن کي روزگار جا ڪيترا موقعا ڏنا ويا آهن؟ پيپلز پارٽي جي ميمبرن ڏانهن اشارو ڪندي هن چيو ته اهي توهان جون ناڪاميون آهن، جنهن سبب اهي ڳالهيون ٿين پيون، ڪراچي جي سيوريج جي پاڻي سمنڊ کي ڪارو ڪري ڇڏيو آهي. ٺٽي ۾ فيڪٽريون لڳيون، بدين ۾ نه لڳيون، ڌاٻيجي ۾ ڪا فيڪٽري نه لڳي، اهي سڀ توهان جون ناڪاميون آهن.

ذريعن موجب لاڳاپيل اختيارين واقعي جو جائزو وٺندي مڪمل جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ سمورن واسطيدار ڌرين سان رابطا ڪيا پيا وڃن.

علائقي واسين ۽ عوام پاران معاملي کي قانون ۽ انصاف موجب حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيئن حقيقي صورتحال سامهون اچي سگهي.