ڪراچي: قومي ڪرڪيٽر عماد وسيم جي ٻي گهرواري نائلا راجا جي سوشل ميڊيا تي رومانوي انداز ۾ تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ تي واهپيدارن پاران سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. نائلا راجا، جيڪا پاڻ هڪ سوشل ميڊيا انفلوئنسر آهي ۽ لائف اسٽائل بابت مواد تيار ڪندي آهي، عماد وسيم سان شادي کانپوءِ مسلسل خبرن جي زينت بڻيل آهي.
رپورٽن مطابق، عماد وسيم پنهنجي پهرين گهرواري ثانيه اشفاق کي طلاق ڏيڻ کانپوءِ نائلا راجا سان ٻي شادي ڪئي هئي. سوشل ميڊيا تي اها دعويٰ پڻ ڪئي پئي وڃي ته ٻنهي جي وچ ۾ لاڳاپا ان وقت قائم ٿيا هئا جڏهن عماد وسيم جي پهرين گهرواري اميد سان هئي ۽ سندن طلاق نه ٿي هئي، جنهن ڪري واهپيدار هن جوڙي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
عماد وسيم هن وقت پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي يارهين ايڊيشن ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. نائلا راجا کيس سرپرائز ڏيڻ لاءِ اسٽيڊيم ۾ ميچ ڏسڻ پهتي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.
