ايران جو جوابي وار، بحرين، اردن ۽ عراق ۾ آمريڪي اڏن کي ميزائل حملا

“ايران جو جوابي وار، بحرين، اردن ۽ عراق ۾ آمريڪي اڏن کي ميزائلن ۽ ڊرونز سان نشانو بڻائي ڇڏيو هاڻي ايران کي سخت جواب ڏينداسين“، پاسدارانِ انقلاب جي جوابي حملن تي ٽرمپ جو وڏو اعلان”,
”
“رياض: سعودي عرب جي شپنگ ڪمپني ”بحري“ ٻڌايو آهي ته سومر ڏينهن هرمز جي لنگهه مان گذرڻ دوران ”ايس آءِ ڊي آر“ نالي بحري جهاز تي پيش آيل هڪ واقعي ۾ عملي جا 2 رڪن مارجي ويا.”,
“الجزيره موجب، سعودي شپنگ ڪمپني ”بحري“ تصديق ڪئي آهي ته مارجي ويل ٻئي ملاح فلپائن جا شهري هئا.”,
“ڪمپني موجب، اهو واقعو جهاز جي هرمز جي لنگهه مان گذرڻ دوران پيش آيو. تنهن هوندي، فوري طور تي واقعي جي نوعيت، ان جي سبب ۽ جهاز کي پهچندڙ ممڪنه نقصان بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه آيا آهن.”,
“هرمز جو لنگهه عالمي واپار ۽ توانائي جي رسد لاءِ انتهائي اهم سامونڊي رستو آهي. خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ سبب هتان گذرندڙ تجارتي جهازن جي سلامتي بابت عالمي سطح تي ڳڻتي پائي وڃي ٿي.”,
“واقعي کانپوءِ هرمز جي لنگهه ۾ بحري جهازن جي سيڪيورٽي ۽ تجارتي اچ وڃ بابت خدشا وڌيڪ وڌڻ جو امڪان آهي.