سکر ويجهو صالح پٽ پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو، هڪ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، هٿيار هٿ

(رپورٽ: نزاڪت – اي ڊي اين نيوز): سکر جي صالح پٽ ٿاڻي جي حدن ۾ رضوي فارم موڙ ويجهو پوليس ۽ هٿياربند ڌاڙيلن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ خطرناڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته سندس قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب گشت تي موجود اهلڪارن جڏهن شڪي ماڻهن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدارن ڌي فائرنگ شروع ڪري ڏني، جنهن تي پوليس پاران دفاع ۾ جوابي ڪارروائي ڪئي وئي.

پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل جمال لکڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس موقعي تان گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس ٽي ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. گرفتار ڪيل زخمي ڌاڙيل جي قبضي مان هڪ ٽي ٽي پسٽل، ميگزين ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار جمال لکڻ ڦر، چوري، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هو ۽ مٿس مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل آهن.

پوليس ذريعن موجب گرفتار جوابدار جو وڏو ڏوهاري رڪارڊ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ سي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس نمبر 303/2026، سائيٽ ايريا ٿاڻي تي ڪيس نمبر 31/2025، ۽ صالح پٽ ٿاڻي تي ڪيس نمبر 114/2026 ۽ 115/2026 تحت سنڌ آرمز ايڪٽ سميت سنگين قلمن تحت ڪيس داخل آهن. جوابدار جي وڌيڪ ڏوهاري رڪارڊ ابت ٻين ضلعن ۽ ٿاڻن تان معلومات گڏ ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي سکر احمد چوڌري پي ايس پي، ڪيو پي ايم پاران صالح پٽ پوليس جي هن ڪامياب ڪارروائي تي ايس ايڇ او ۽ سندس ٽيم کي شاباش ڏيندي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.