سکر: ٿاڻي ايئرپورٽ جي حدن ۾ بچل شاهه پل هٿياربند جوابدارن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيو آهي، جنهن کي فوري طور تي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتي سندس علاج جاري آهي. اطلاع موجب پوليس اهلڪارن پنهنجي فرض جي ادائگي دوران شڪ جي بياد تي ڪجهه شڪي جوابدارن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جنهن تي جوابدارن قانون جي پرواهه نه ڪندي پوليس مٿان سڌو سنئون فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ کانسٽيبل امجد شيخ گوليون لڳڻ سان زخمي ٿي پيو.
واقعي جي خبر ملندي ئي ايس ايس پي سکر احمد چوڌري واقعي جو سخت نوٽس وٺندي ڊي ايس پي سائيٽ کي فوري طور تي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايس ايس پي سکر جي سخت هدايتن بعد علائقي ۾ جوابدارن جي ڳولا لاءِ پوليس جون مختلف ٽيمون متحرڪ ڪيون ويون آهن جڏهن ته شھر جي مختلف رستن تي سخت نڪابندي ڪري مشکوڪ ماڻهن ۽ ايندڙ ويندڙ گاڏين جي چيڪنگ جو عمل انتهائي سخت ڪيو ويو آهي ته جيئن جوابدار ڪنهن به صورت ۾ بچي نه سگهن.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدارن جو سراغ لڳائڻ ۽ انهن جي گرفتاري کي يقيني بڻائڻ لاءِ جيو فينسنگ، سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيجز ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جي مڪمل مدد ورتي پئي وڃي. ايس ايس پي سکر واضح لفظن ۾ چيو آهي ته پوليس اهلڪارن مٿان حملو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ هن واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ته جيئن عبرت جو نشانو بڻائي سگهجي.
