تهران: ايران جي اعليٰ اختيارين واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جون موجوده ڪوششون کيس ان تباهي ۽ ڏکيائي مان ٻاهر نه ڪڍي سگهنديون، جيڪا هن پنهنجي لاءِ خود پيدا ڪئي آهي. ايراني قيادت جو چوڻ آهي ته خطي ۾ آمريڪي حڪمت عملين کيس ڪاميابي ڏياريو ناهي، پر ان جي برعڪس مسئلن ۾ وڌيڪ واڌارو ڪيو آهي.
سرڪاري ذريعن موجب، ايران جلد ئي اهڙا قدم کڻندو جنهن سان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي هڪ وڏو سرپرائز ملندو. نئين حڪمت عملي مڪمل طور تي مختلف ۽ حيران ڪندڙ هوندي، جيڪا بين الاقوامي سطح تي نوان بحث ڇيڙي ڇڏيندي.
ايراني ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي حڪومت کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته وچ اوڀر ۾ سندس جارحاڻيون پاليسيون پنهنجو اثر وڃائي چڪيون آهن ۽ هاڻي نتيجا مڪمل طور تي مختلف هوندا.