ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ مير رضا قتل ڪيس بابت لکت ۾ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته انڪوائري ڪميشن جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ نه وڌي وڃي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ هدايت ڪئي آهي ته سمورن وسيلن کي ڪتب آڻيندي مڪمل طور تي غير جانبدار ۽ شفاف جاچ يقيني بنائي وڃي، جڏهن ته درخواست گذارن کي پڻ آزادي ڏني وئي آهي ته جيڪ اهي جاچ کان مطمئن نه آهن ته قانوني رستو اختيار ڪري سگهن ٿا.
عدالت پاران جاري ڪيل ستن صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ٽربيونل آف انڪوائري آرڊيننس 1969 تحت سنگل ميمبر انڪوائري ڪميشن جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي ۽ ڪميشن پنهنجي باضابطه ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڏني آهي. درخواست گذارن ڪميشن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ عدالت اها درخواست اڪلائي ڇڏي. هوսان ئي عدالتي ڪميشن جي سربراهه جسٽس عمر سيال ڪيس جي سلسلي ۾ اڄ ٿيندڙ اجلاس لاءِ لاڳاپيل اختيارين ۽ شاهدن کي نوٽيس پڻ جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ڪميشن پاران شاهراهه فيصل جي ڊي ايس پي، ايس ڊي پي او ارشد آفريدي، فيروز آباد ٿاڻي جي ايس ايچ او عديل افضال سميت مير رضا جي دوستن محمد احمد، عبدالله، رازق ۽ هيسم کي پڻ طلب ڪيو ويو آهي. سمورن لاڳاپيل ماڻهن کي هداي�� ڪئي وئي آهي ته اهي مقرر وقت تي پيش ٿي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائين ته جيئن ڪيس جي حقيقتن تائين پهچي سگهجي.
