لاهور: پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته سڀاڻي کان جيل ڀريو تحريڪ شروع ٿي رهي آهي، شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هو سڀاڻي گرفتاري ڏيندو.فواد چوڌري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ جيل ڀريو تحريڪ جي لاءِ تيار آهي، شاهه محمود قريشي کانپوءِ اسد عمر به گرفتاري ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.سندس چوڻ هو ته ڪارڪن پنهنجي علائقن ۾ چونڊن جي تياري ڪن ڪالهه لاهور جهڙو عمران خان جو استقبال ڪيو آهي ماڻهن جون ننڊون ڦٽي ويون آهن.هن چيو ته عمران خان سڄي پارٽي جي هدايت ڪئي آهي ته اليڪشن جي تياري شروع ڪيو، توشا خانا ڪيس ۾ اسان سڀني کي گهرايو ويو آهي، پاڪستان جو معاشي حالت سڀني جي اڳيان آهي.پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته جيل ڀريو تحريڪ لاهور کان شروع ٿيندي، عمران خان سميت ڪير ڪڏهن گرفتاري ڏيندو اهو پارٽي فيصلو ڪندي، ڊويزن جي سطح تائين جيل ڀريو تحريڪ شروع ڪئي پئي وڃي، سڀاڻي ٻه سئو ماڻهو گرفتاريون ڏيندا، عمران خان اجلاس به گهرائي ورتو آهي.