آمريڪي فوج ڪڍو نه ته ’ڪچلي وجهندڙ‘ جواب ملندو، ايران جي عرب ملڪن کي سخت ڌمڪي

تهران: ايران پاران وچ اوڀر ۾ موجود عرب ملڪن کي سخت تنبيهه جاري ڪندي چيو ويو آهي ته اهي پنهنجي سرزمين تان آمريڪي فوجون ٻاهر ڪڍن، ٻي صورت ۾ کين اهڙو جواب ملندو جنهن کي هو سڄي عمر وساري نه سگهندا. ايراني اختيارين موجب خطي ۾ آمريڪي فوجن جي موجودگي امن لاءِ خطرو بڻجي چڪي آهي، جنهن کي وڌيڪ برداشت نه ڪيو ويندو.

هي��َ سخت ڌمڪي اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن واشننگٽن ۽ تهران جي وچ ۾ عسكري ڇڪتاڻ ۾ خطرناڪ حد تان واڌ ٿي رهي آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ وڌندڙ مهاجم رويي سبب پوري خطي ۾ جنگ جو خطرو منڊلائجي رهيو آهي، جنهن سبب عالمي سطح تي پڻ سخت اڻتڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.

ڏهن ته عالمي برادري ۽ گڏيل قومن خطي جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. تجزيهڪارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نه ڪئي وئي ته ان جا پوري خطي جي معيشت ۽ امن تي انتهائي تباهي آڻيندڙ اثر پوندا.