تهران: ايران جي اولهه واري صوبي ڪرمانشاهه ۾ ٿيندڙ هڪ جوابي حملي جي نتيجي ۾ ايران جي پاسداران انقلاب (آر اين سي) جا چار اهلڪار مارجي ويا آهن. ايراني ميڊيا موجب هي واقعو هڪ اهڙي وقت ۾ پيش آيو آهي جڏهن علائقي ۾ سخت سوڌ ۽ سيڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
حملي جي هن واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسرز پاران علائقي کي گھهير�� ڪري سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. مارجي ايل اهلڪارن جي لاشن کي ويجھي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي ضروري قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي پئي وڃي.
حملي جي هن مقام ۽ ان ۾ ٿيندڙ ٻين ممڪنه نقصانن بابت فوري طور تي وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن. اعليٰ اختيارين پاران واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي ته جيئن حملي آورن جو پتو لڳائي سگهجي.
