ڪراچي: پاڪستان نيوي جي اهم ترين گڏيل جنگي مشقن ”سي اسپارڪ 2026“ جو ڪراچي ۾ شاندار آغاز ٿي ويو آهي. هنن اهم مشقن ۾ ملڪ جي ٽنهي هٿياربند فوجن يعني پاڪ بحريه، پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جا دستا ڀرپور نموني حصو وٺي رهيا آهن، جنهن جو مقصد ملڪي دفاع کي وڌيڪ مضبوط ۽ ناقابل تسخير بڻائڻ آهي.
انهن مشقن دوران پاڪ بحريه جي جنگي تيارين، آپريشنل صلاحيتن ۽ جديد بحري خطرن سان منهن ڏيڻ جي حڪمت عملي جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو. مشقن ۾ جديد ترين جنگي ٻيڙا، آبدوزون، هوائي جهاز ۽ خاص فورسز جا دستا پنهنجي پيشيورانه مهارتن جو مظاهرو ڪندي سمنڊ ۾ ملڪي سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ جي مشق ڪندا.
دفاعي ترجمان موجب، ”سي اسپارڪ 2026“ مشقون خطي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ ۽ بحري رستن جي حفاظت لاءِ انتهائي اهم آهن. هي مشقون پاڪستاني هٿياربند فوج جي گڏيل آپريشنل صلاحيتن کي وڌيڪ نوان رخ ڏينديون ۽ دشمن جي ڪنهن به ممڪنه جارحيت جو منهن توڙ جواب ڏيڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون.
