آبنائي ھرمز جو اختيار صرف اسان وٽ هوندو، ٽرمپ جي بيان تي ايران جو دوٽوڪ جواب

تهران: ايران واضح ڪيو آهي ته آبنائي ھرمز تي ڪنهن به ٽوئيٽ، جهاز يا حڪم ذريعي قبضو نٿو ڪري سگهجي، ۽ هن اهم سامونڊي رستي جو مڪمل اختيار صرف ايران وٽ هوندو. ايران جو اهو ردعمل آمريڪي صدر چونڊجي آءِ ڊونلڊ ٽرمپ جي ان بيان کان پوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن آبنائي ھرمز بابت سخت موقف اختيار ڪيو هو.

ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ۽ اعليٰ عملدار ڪاظم غريب آبادي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته علائقي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ جي ذميواري مقوتي ملڪن جي آهي، ۽ ڪنهن به ٻاهرين طاقت کي هتي پنهنجا غيرقانوني مطالبا مڃائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته آبنائي ھرمز بين الاقوامي واپار لاءِ هڪ حساس رگ جي حيثيت رکي ٿو، جنهن جي حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڌمڪي يا جارحيت کي سخت جواب ڏنو ويندو.

ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ آبنائي ھرمز جي حوالي سان ايران کي خبردار ڪيو هو، جنهن تي تہران طرفان هي دوٽوڪ ۽ واضح موقف سامهون آيو آهي. ايران جي هن بيان سان خطي ۾ هڪ دفعو ٻيهر سياسي ۽ سامونڊي ڇڪتاڻ وڌڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ پيٽروليم شين جي سپلاءِ بابت پڻ خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.