ڪينيڊين ميمبر پارليامينٽ جي شرمناڪ غلطي، وائرل وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

اوٽاوا: ڪينيڊا جي هڪ رکن اسمبلي پارلياماني اجلاس دوران اهڙي شرمناڪ غلطي ڪئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي باهه وانگر پکڙجي وئي آهي. وائرل ٿيندڙ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سياستدان کي خبر ئي نه هئي ته سندس مائڪرو فون آن آهي، جنهن سبب سندس غير متعلقہ ڳالهيون پوري ايوان ۾ ٻڌيون ويون.

واقعي کانپوءِ عوام ۽ سو��ل ميڊيا واهڙن طرفان کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي. شهرين ۽ سياسي تجزيه نگارن پارليامينٽرينز جي اهڙي غير ذميوارانه رويي تي کوڙ سارا سوال اٿاريا آهن، جنهن سان اداري جي وقار کي به نقصان پهتو آهي.

سوشل ميڊيا تي هن واقعي تي مزاحيه ۽ تنقيدي ردعمل جو چکر جاري آهي، جتي هڪ واهڙ طنز ڪندي لکيو ته هاڻي سياستدانن کي پنهنجي تقريرن وانگر حڪومت هلائڻ جا اختيار به مصنوعي ذهانت (AI) جي سپرد ڪري ڇڏڻ گهرجن ته جيئن اهڙين شرمندگين کان بچي سگهجي.