نه صوبو نه انتظامي يونٽ: اسلام آباد لاءِ نئين مڪاني نظام جي منظوري

نه صوبو نه انتظامي يونٽ: اسلام آباد لاءِ نئين مڪاني نظام جي منظوري

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا ملڪ جي گاديءَ جي هنڌ اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جي نئين نظام جي باضابطه منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب حڪومت طرفان تيار ڪيل هي نئون بل مقامي سطح تي عوام کي اختيار ڏيڻ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هڪ اهم قدم سمجهيو پيو وڃي، جنهن تي تيزيءَ سان عملدرآمد شروع ڪيو ويو آهي.

ذريعن کان اها خبر پڻ سامهون آئي آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومتن جو هي نئون نظام مجموعي طور تي ٽن تڪن تي ٻڌل هوندو. ان کان علاوه، مقاني ڪائونسل جي ميمبرن ۾ جنرل ڪائونسلرن سان گڏوگڏ عورتن ۽ اقليتن جي برابري جي بنياد تي نمائندگي پڻ شامل ڪئي وئي آهي ته جيئن معاشري جي هر طبقي جي آواز کي يقيني بڻائي سگهجي.

حڪومت جي حڪمت عملي تحت اسلام آباد بابت هي بل هاڻي منظوري لاءِ سينيٽ جي گهرو معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪميٽي طرفان منظوري ملڻ کانپوءِ هن بل کي حتمي منظوري خاطر سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي گڏجڻين ۾ پڻ پيش ڪيو ويندو.