سنڌ ۾ صرف هڪ ئي حڪومت هوندي، ان کان سواءِ ڪا ٻي ڳالهه قبول ناهي: سعيد غني

ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سنڌ ۾ صرف هڪ ئي حڪومت هوندي ۽ صوبي جي تقسيم يا ڪنهن به نئين نظام بابت ڪا ڳالهه نٿي ٿي سگهي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن واضح ڪيو ته سنڌ جي جغرافائي ۽ تاريخي وحدت تي ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ ورهائڻ واري سياست کي سختي ان رد ڪيو ويندو.

صوبائي وزير سعيد غني وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام هميشه اتحاد ۽ امن جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهنڪري صوبي اندر ڪنهن به قسم جي تفرقي بازي کي ناهي مڃيو ويندو. هن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي حقوقن ۽ سنڌ جي وحدت جي محافظ آهي ۽ صوبي جي ترقيءَ لاءِ سڀني علائقن ۾ بلا تفريق ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي.

هن مخالف ڌر تي تنقيد ڪندي چيو ته ڪجهه سياسي عناصر صرف عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ تعصب پسند بياناٿ ڏئي رهيا آهن. سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙيءَ جو ڪو به فرق ناهي، سمورا ماڻهو هڪ ئي سنڌ جا رهاڪو آهن ۽ حڪومت سڀني جي برابريءَ جي بنياد تي خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي.