سنڌ جي ورهاڱي جي ڳالهه تي وزارت ۽ اسيمبلي ڇڏي ڏينداسين، ضرورت پئي ته جان به قربان ڪنداسين: سعيد غني

ڪراچي: سنڌ جي صوبائي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (PPP) جي اڳواڻ سعيد غني واضح لفظن ۾ چيو آهي ته سنڌ جي ورهاڱي بابت ڪا به ڳالهه برداشت نه ڪئي ويندي ۽ جيڪڏهن اهڙي ڪا سازش سامهون آئي ته اسان فوري طور تي وزارتون ٺڪرائي ڇڏينداسين، اسيمبلي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏينداسين ۽ ضرورت پئي ته پنهنجون جندڙيون به قربان ڪرڻ کان پوئتي نه هٽنداسين.

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي سعيد غني جو چوڻ هو ته جيڪي شهري سنڌ کي پنهنجي ڌرتي ماءُ سمجهن ٿا، پوءِ اهي چاهي پشتو، سرائيڪي يا پنجابي ڳالهائيندڙ هجن، انهن کي ڪنهن به قسم جو ڪو اعتراض ناهي، پر جڏهن سنڌ جي ورهاڱي ۽ لساني نفرت کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته عوام جو حق آهي ته ان تي سخت سوال اٿاري.

پيپلز پارٽي جي اڳواڻ خبردار ڪيو ته سياسي مفادن جي خاطر اهڙا راند روند ڪندڙن کي پنهنجي ايجنڊا کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ورهاڱي سان مقامي سطح تي نفرتون پيدا ٿينديون جنهن جو سڌو فائدو دشمن طاقتون کڻنديون.

هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن جي ذميواري بڻجي ٿي ته ملڪي ۽ صوبائي ماحول کي خراب ٿيڻ کان بچائين، الله جو شڪر آهي ته سنڌ ۾ بلوچستان جهڙا ابتر حالات ناهن، ان ڪري اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀني ي گڏجي امن، اتحاد ۽ ترقي لاءِ سنجيده ڪوششون ورتجيون وڃن.