سنڌ جي ورهاڱي خلاف اتفاق موجود آهي ته بار بار ٺهراءُ آڻڻ جي ضرورت ڇو آهي؟ اپوزيشن ليڊر

ڪراچي: سنڌ اسمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي خطاب ڪندي چيو آهي ته جڏهن ايوان سنڌ جي ورهاڱي خلاف اڳ ئي ڪيترائي ڀيرا قراردادون منظور ڪري چڪو آهي، ته پوءِ بار بار اهڙا معاملا سامهون آڻڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف سڀني جو اصولي موقف واضح آهي، تنهن ڪري هن معاملي تي بار بار بحث ڪرڻ جي ڪا به ضرورت ناهي.

علي خورشيدي وڌيڪ چيو ته حڪومتي ڪارڪردگي صفر بٽا صفر آهي ۽ حڪومت اصل مسئلن تان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙا هٿيار استعمال پئي ڪري. سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتون ۽ بهتر گورننس گهرجي، نه ڪي سياسي بحث بازي. هن چيو ته نوان انتظامي يونٽ ٺاهڻ بدران موجوده ڊويزنن ۽ ضلعن کي مالي طور بااختيار بڻايو وڃي ته جيئن عوام جا مسئلا مقامي سطح تي حل ٿي سողن.

اپوزيشن ليڊر چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سميت قومي قيادت جي صحيحن سان منظور ڪيل چارٽر آف رائيٽس تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت چاهي ته فوري طور تي انهن نقطن تي عمل ڪري سگهي ٿي، جن سان صوبي جو سڄو انتظامي ڍانچو بهتر ٿي سگهي ٿو.