ڪي پي او حملو: دهشتگردن جي وڌيڪ ساٿين جو ڪراچي ۾ موجودگي جو انڪشاف

ڪراچي: ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪراچي پوليس آفيس ۾ مارجي ويل ٽنهي دهشتگردن جي ٻنهي ساٿين جي ڪراچي ۾ موجودگي جو انڪشاف ڪيو آهي. ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ ڪي پي او حملي جي شروعاتي رپورٽ دهستگردي جي انت واري عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪي پي او آفيس ۾ 17 فيبروري تي دهشتگردن حملو ڪيو. شام 7 لڳي 15 منٽن تي وائرليس ذريعي حملي جي اطلاع ملي. سي ٽي ڊي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابي ڪارروائي ۾ هڪ دهشتگرد ٽئين منزل تي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو جڏهن ته وڌيڪ 2 دهشتگرد جوابي ڪارروائي ۾ مارجي ويا.عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب ڪي پي او ۾ موجود سمورن آفيسرن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. ڪيس صدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته دهشتگردن جي استعمال هيٺ ڳرا هٿيار پوليس جي تحويل ۾ آهن.پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ترجمان سوشل ميڊيا تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي. ڪراچي پوليس آفيس تي حملي ڪندڙ دهشتگردن کي پرڏيهي طاقتن جي مدد حاصل هئي.رپورٽ موجب ڪار سوار دهشتگردن سان وڌيڪ 2 دهشتگرد موٽر سائيڪل تي آيا هئا. موٽر سائيڪل تي ايندڙ سهولتڪار ٽنهي دهشتگردن سان گلي ملي واپس هليا ويا. واقعي جا 2 سهولتڪار اڃان به ڪراچي ۾ موجود آهن جن جي گرفتاري جون ڪوششون جاري آهن.