اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَلله چيو آهي ته جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جو ن ليگ لاءِ رويو تعصباڻو رهيو آهي.گهرو وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن نواز شريف خلاف ڪيس ۾ نگران جج رهيو ان مان انصاف جي اميد ناهي، جڏهن ته جسٽس مظاهر علي اڪبر نقوي جي آڊيو ليڪ جو ناقابلِ ترديد ثبوت سامهون اچي چڪو آهي، سندس غيرجانبداري تي سوال اُٿي چڪو آهي.هن چيو ته ٻئي جج نواز شريف بابت ڪيئي ڪيسن ۾ سندس خلاف فيصلا ڏئي چڪا آهن جن ۾ پاناما، پارٽي ليڊرشپ، پاڪ پتڻ الاٽمينٽ ڪيس، رمضان شوگر ملز جا ڪيس شامل آهن.هن وڌيڪ چيو ته قانون ۽ عدالتي روايت آهي ته تڪراري جج لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي کان پاڻ کي رضاڪاراڻي طور الڳ (ريڪيوز) ڪري وٺندا آهن، متاثر ڌر جي درخواست تي به تڪراري بئنچ کان ڌار ڪرڻ جي روايت آهي.گهرو وزير چيو ته ن ليگ جي قانوني ٽيم ٻنهي ججن کي نواز شريف ۽ پارٽي جي ٻين اڳواڻن جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ وارين بئنچن کان ڌار ٿيڻ جو چوندي.