تيزي سان وڌندڙ آبادي صحت جي شعبي لاءِ وڏو چئلينج آهي: وفاقي وزير صحت

وفاقي وزير صحت مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پاڪستان ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي صحت جي شعبي لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي وئي آهي، اسان هر سال نيوزيلينڊ جي مجموعي آبادي جي برابر نئين آبادي پيدا ڪري رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير صحت چيو ته حڪومت شهرين کي بيمارين کان بچائڻ ۽ ملڪ جي صحت جي نظام کي جديد بڻائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي.مصطفيٰ ڪمال چيو ته ”احتياط علاج کان بهتر آهي“ وارو اصول حڪومت جي صحت واري پاليسي جو بنيادي محور آهي، ڇو ته صحتمند شهري ئي فعال ۽ صحتمند معاشرو جوڙي سگهن ٿا.وفاقي وزير صحت موجب ملڪ ۾ هن وقت ساڍا چار ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو ذيابيطس جي مرض ۾ مبتلا آهن، جنهن تي فوري ۽ هنگامي بنيادن تي ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي.هن شهرين تي زور ڏنو ته بيمار ٿيڻ کان پوءِ علاج تي ڀاڙڻ بدران اڳواٽ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون وڃن، جيئن خطرناڪ ۽ دائمي بيمارين کان بچي سگهجي.
هن چيو ته آبادي ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافو صحت جي شعبي تي دٻاءُ وڌائي رهيو آهي. پاڪستان ۾ هر سال نيوزيلينڊ جي مجموعي آبادي جي برابر نئين آبادي جو اضافو ٿيڻ هڪ انتهائي سنگين چئلينج آهي.مصطفيٰ ڪمال وڌيڪ چيو ته حڪومت صحت جي موجوده بنيادي ڍانچي ۽ اسپتالن جي انتظامي نظام کي جديد ۽ وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، جيئن عوام کي بهتر معيار جون طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.