اسلام آباد:
پاڪستان جي سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي فيصلن جي ڊجيٽل مصدقھ نقل ڪاپي بغير ڪنھن ڏڪيائي جي فوري طور تي حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ جديد آن لائن پورٽل باقاعدھ طور تي شروع ڪيو ويو آھي. ھن نئين ڊجيٽل سسٽم جي شروعات سان ھاڻي سائلن، وڪيلن ۽ عام شھرين کي عدالتن جا چڪر ڪڳائڻ ڪاان آزادي ملندي ۽ اھي گھر ويٺي ئي پنھنجي گھربل فيصلن جون تصديق شدھ نقل ڪاپيو حاصل ڪري سگھندا.
عدالتي ذريعن موجب نئون پورٽل جديد ٽيڪنالوجي جي اصولن تحت تيار ڪيو ويو آھي، جنھن جو بنيادي مقصد عدالتن ۾ شفافيت کي وڌائڻ، ڪم ڪار ۾ تيزي آڻڻ ۽ عوام کي سھولتون فراھم ڪرڻ آھي. ھن پورٽل ذريعي نھ صرف وقت جي بچت ٿيندي پر عدالتي سسٽم ۾ ڪاغذ جي استعمال کي گھٽائڻ ۾ پڻ مدد ملندي، جيڪو بھتر قدم سمجھيو پيو وڃي.
قانوني ماھرن ۽ بار ڪائونسل جي عھديدارن سپريم ڪورٽ جي ھن قدم کي ساراھيندي چيو آھي تھ ڊجيٽلائزيشن جي ھن دور ۾ عدالتي نظام کي جديد بڻائڻ وقت جي اھم ضرورت ھئي. ھنن اميد ظاھر ڪئي آھي تھ ھن پورٽل جي اچڻ سان سائلن جا التوا ۾ پيل ڪم جلد نبيرجي ويندا ۽ انصاف جي فراھمي جو عمل وڌيڪ بھتر بڻجي ويندو.
