وفاقي حڪومت پاران ساڍا 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي حڪومت ملڪ ۾ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ ڪڻڪ جي طلب ۽ رسد ۾ توازن برقرار رکڻ لاءِ ساڍا 7 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي پي) عالمي ٽينڊر جاري ڪري عالمي ڪمپنين کان بوليون طلب ڪري ورتيون آهنحڪامن موجب درآمد ڪئي ويندڙ ڪڻڪ تازي فصل جي هجڻ لازمي هوندي ۽ اها عالمي منڊي مان ڪنهن به ذريعي خريد ڪري سگهبي. درآمد ٿيل ڪڻڪ صوبن جي ضرورتن مطابق ورهائي ويندي.
مجموعي مقدار مان سنڌ کي 3 لک ٽن، پنجاب کي 2 لک 50 هزار ٽن ۽ خيبر پختونخوا کي 2 لک ٽن ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي.
ذريعن موجب ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قائم ڪميٽي ڏني، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف اڳ ئي مجموعي طور 10 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي چڪو آهي.حڪامن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هر سال ڪڻڪ جي کپت لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ 13 لک ٽن آهي، جڏهن ته هلندڙ سال ڪڻڪ جي پيداوار تقريباً 2 ڪروڙ 96 لک ٽن رهڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي. پيداوار ۽ ملڪي ضرورت ۾ فرق سبب حڪومت ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ته جيئن ڪڻڪ جي فراهمي برقرار رهي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جي خدشي کي گهٽ ڪري سگهجي.