اسلام آباد: وفاقي حڪومت وفاقي پينشنرن لاءِ نئون ڊجيٽل پينشن نظام متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تحت هاڻي پينشنرن لاءِ بئنڪ وڃي بايوميٽرڪ تصديق ڪرائڻ جي شرط ختم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پينشن جاري رکڻ لاءِ نادرا ايپ ذريعي زندگي جي تصديق لازمي قرار ڏني وئي آهي.
تفصيل موجب وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ناڻي واري وزارت وفاقي پينشنرن لاءِ مڪمل ڊجيٽل پينشن نظام متعارف ڪرائيندي باضابطا نوٽيفڪيشن ۽ لاڳاپيل دستاويز جاري ڪري ڇڏيا آهن. نئين نظام جو مقصد پينشن جي ادائيگي واري طريقيڪار کي آسان، تيز ۽ وڌيڪ شفاف بڻائڻ آهي.
نئين ڊجيٽل نظام تحت پينشن جي سلسلي ۾ استعمال ٿيندڙ ڪاغذي فارم ۽ پراڻو طريقيڪار مڪمل طور تي ختم ڪيو ويو آهي. هاڻي پينشنرن کي مختلف ڪاغذي ڪارروائين ۽ دستاويزن لاءِ آفيسن جا چڪر لڳائڻ جي ضرورت نه پوندي. پينشن جي رقم سڌي ريت ڪريڊٽ سسٽم ذريعي پينشنر جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي.
نئين طريقيڪار جي اهم خصوصيت اها آهي ته پينشنرن کي هر ڇهن مهينن کانپوءِ نادرا ايپ ذريعي پنهنجي زندگي جي تصديق ڪرائڻي پوندي. ان تصديق جو مقصد اهو يقيني بڻائڻ آهي ته پينشن حاصل ڪندڙ شخص حيات آهي ۽ پينشن جي ادائيگي جاري رکڻ قانوني طور درست آهي.
حڪومت بزرگ ۽ اهڙن پينشنرن لاءِ، جيڪي ڊجيٽل سهولتن جي استعمال ۾ ڏکيائي محسوس ڪن ٿا، متبادل تصديقي نظام پڻ متعارف ڪرايو آهي، ته جيئن عمر رسيده ماڻهن کي نئين نظام سبب غيرضروري تڪليف کي منهن نه ڏيڻو پوي.
وزارت ناڻي جي نوٽيفڪيشن موجب نئين نظام ۾ بئنڪن جو ڪردار پڻ محدود ڪيو ويو آهي. ڪمرشل بئنڪ هاڻي زندگي جي ثبوت يا بايوميٽرڪ ڊيٽا گڏ ڪرڻ ۽ ان جي تصديق ڪرڻ جا پابند نه هوندا. ان کان علاوه بئنڪ پاڻمرادو ڪنهن پينشن اڪائونٽ کي غيرفعال پڻ نه ڪري سگهندا.
نئين نظام تحت نادرا جو نظام ڪنٽرولر جنرل آف اڪائونٽس (CGA) ۽ ملٽري اڪائونٽنٽ جنرل (MAG) جي نظام سان ڳنڍيو ويو آهي. ان انضمام کانپوءِ پينشنر جي زندگي بابت ڊجيٽل سگنل سڌو سنئون نادرا جي نظام مان لاڳاپيل اڪائونٽس اختيارين ڏانهن موڪليو ويندو.
ناڻي واري وزارت موجب نئين نظام سان پينشن جي ادائيگي جو عمل وڌيڪ آسان ۽ جديد بڻجندو، جڏهن ته ڪاغذي ڪارروائي گهٽجڻ سان وقت ۽ وسيلن جي پڻ بچت ٿيندي.
وفاقي حڪومت جو هي نئون ڊجيٽل پينشن نظام وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي حڪومت جي سمورن سول ملازمن تي لاڳو ٿيندو. حڪومت کي اميد آهي ته ڊجيٽل نظام سان پينشنرن کي ادائيگي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ پينشن جي سڄي نظام ۾ شفافيت ۽ ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر ٿيندي.
