پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ ٽيڪسن، ليوي ۽ مارجنز جو وڏو حصو، دستاويزن ۾ اصل قيمتون ظاهر

پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن سبب عوام اڳ ئي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي موجوده قيمتن ۾ ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي حصي بابت اهم تفصيل سامهون اچي ويا آهن.دستاويزن موجب ملڪ ۾ هن وقت صارفين لاءِ هڪ ليٽر پيٽرول جي پرچون قيمت 367.75 رپيا مقرر آهي، جڏهن ته ٽيڪسن، ليوي ۽ مختلف مارجنز کي ڌار ڪرڻ کانپوءِ پيٽرول جي اصل قيمت 234.73 رپيا في ليٽر ٻڌائي وئي آهي.اهڙيءَ ريت پيٽرول جي اصل قيمت ۽ صارفين کان وصول ٿيندڙ پرچون قيمت ۾ لڳ ڀڳ 133.02 رپيا في ليٽر جو فرق موجود آهي. دستاويزن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ ليويز، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ تقريبن 131.60 رپيا في ليٽر شامل آهن.ئي طرف هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي موجوده قيمت 392.67 رپيا في ليٽر آهي. دستاويزن موجب ڊيزل تي ليوي، ٽيڪسن ۽ مختلف مارجنز جي مد ۾ 122.55 رپيا في ليٽر وصول ڪيا پيا وڃن.دستاويزن جي انگن اکرن مطابق جيڪڏهن ڊيزل جي موجوده پرچون قيمت مان ليوي، ٽيڪس ۽ مارجنز جي رقم ڪڍي وڃي ته ڊيزل جي قيمت تقريبن 270.12 رپيا في ليٽر بچي ٿي.انگن اکرن مان ظاهر ٿئي ٿو ته پيٽروليم شين جي قيمت ۾ صرف تيل جي اصل قيمت شامل نه هوندي آهي، پر ان سان گڏ حڪومت پاران لاڳو ڪيل مختلف ليويز ۽ ٽيڪسن سان گڏ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين، ڊيلرز ۽ ٻين شعبن جا مارجنز پڻ شامل هوندا آهن.
پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون سڌي طرح ٽرانسپورٽ جي خرچن تي اثرانداز ٿين ٿيون، جنهن سبب انهن جي قيمت ۾ اضافو عام ماڻهن جي روزاني زندگي سان گڏ شين جي اگهن تي پڻ اثر وجهي ٿو. پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سان ٽرانسپورٽ، مال