ڪيف: روسي ڊرون حملي جي خدشي ۽ مولدووا جي فضائي حدن ۾ ڊرون داخل ٿيڻ کانپوءِ فضائي حدون عارضي طور بند ڪيون ويون، جنهن سبب يوڪرين جي صدر وولوڊيمير زيلنسڪي جو ناروے وڃڻ لاءِ روانو ٿيندڙ جهاز به روڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مولدووا جي حڪومت جي ترجمان ٻڌايو ته اڱاري ڏينهن زيلنسڪي جي جهاز کي ان وقت فضائي سفر جي اجازت نه ڏني وئي، جڏهن اختيارين تصديق ڪئي ته هڪ روسي ڊرون مولدووا جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ڪري تباهه ٿي ويو آهي.
رپورٽن موجب روسي ڊرون چيِشينائو انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان تقريبن 160 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ڌماڪي سان تباهه ٿيو. واقعي کانپوءِ مولدووا جي فضائي حدن ۾ عارضي طور تي پابنديون لاڳو ڪيون ويون، جنهن سبب هوائي سفر جو معمول پڻ متاثر ٿيو.
فضائي حدون بند رهڻ دوران مجموعي طور 3 پروازن جي روانگي ۽ 4 پروازن جي آمد متاثر ٿي. ڪجهه وقت کانپوءِ جڏهن فضائي سفر تي لاڳو پابنديون ختم ڪيون ويون ته يوڪريني صدر زيلنسڪي جو جهاز پڻ دير سان ناروے ڏانهن روانو ٿيو.
مولدووا جي اختيارين موجب اڱاري ڏينهن ٻه روسي ڊرون ملڪ جي فضائي حدن ۾ داخل ٿيا. اختيارين ٻڌايو ته انهن مان هڪ ڊرون ملڪ جي گادي واري شهر چيِشينائو جي اتر طرف هڪ زرعي زمين ۾ ڪري پيو، جنهن کانپوءِ اتي باهه ڀڙڪي اٿي.
ٻيو ڊرون مولدووا جي فضائي حدن مان نڪري رومانيه جي فضائي حدن ۾ ڪري پيو. واقعي کانپوءِ خطي ۾ سيڪيورٽي صورتحال بابت خدشا وڌيڪ وڌي ويا آهن.
مولدووا جي صدر مايا ساندو روسي ڊرونز جي ملڪ جي فضائي حدن ۾ مبينا دراندازي جي سخت مذمت ڪندي ان کي انساني جانين لاءِ سنگين خطرو قرار ڏنو. صدر جو چوڻ هو ته اهڙن واقعن سان ملڪ جي سلامتي ۽ عام شهرين جي زندگين کي خطرو پيدا ٿي سگهي ٿو.
مايا ساندو يوڪرين سان لڳندڙ سرحدي علائقي ۾ روسي ڊرون حملي جي پڻ سخت مذمت ڪئي. هن چيو ته ڊرونز جي اهڙي دراندازي علائقائي سلامتي لاءِ ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي.
روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جاري جنگ سبب ٻنهي ملڪن جي پاڙيسري رياستن جي فضائي حدن بابت خدشا پڻ وڌي ويا آهن. مولدووا ۽ رومانيه جهڙا ملڪ يوڪرين جي ويجهو هجڻ سبب جنگ جي اثرن کان بچڻ لاءِ پنهنجي فضائي ۽ سرحدي سلامتي تي خاص ڌيان ڏئي رهيا آهن.
زيلنسڪي جو جهاز روڪجڻ وارو واقعو ان ڳالهه کي ظاهر ڪري ٿو ته خطي ۾ جاري جنگ جا اثر هاڻي صرف روس ۽ يوڪرين تائين محدود نه رهيا آهن، پر پاڙيسري ملڪن جي هوائي سفر ۽ سلامتي تي پڻ اثرانداز ٿي رهيا آهن.
مولدووا جي اختيارين طرفان فضائي صورتحال تي نظر رکڻ ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته تازو ڊرون واقعن کانپوءِ علائقائي سلامتي بابت خدشا وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويا آهن.
