ڪويت سٽي: ڪويت ۾ سيڪيورٽي ادارن وڏي ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور تي شراب تيار ڪرڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ وڪرو ڪرڻ واري خفيه فيڪٽري جو پتو لڳائي 4 ڀارتي شهرين کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب سيڪيورٽي اختيارين کي ڳجهي اطلاع ملي هئي ته شهر کان ٻاهر ريگستاني علائقي ۾ موجود هڪ مال مويشي فارم کي مبينا طور تي غيرقانوني شراب جي تياري، ذخيري ۽ وڪري لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.
اطلاع ملڻ کانپوءِ پوليس اختيارين پهريان مذڪوره هنڌ جي نگراني ۽ تصديق ڪئي، جنهن کانپوءِ سيڪيورٽي اهلڪارن ڪارروائي ڪندي فارم تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران پوليس اهلڪارن ٽن جوابدارن کي شراب تيار ڪندي رنگي هٿين گرفتار ڪري ورتو.
سيڪيورٽي اختيارين موجب چوٿين جوابدار کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو، جڏهن هو تيار ڪيل شراب خريد ڪري اڳتي وڪرو ڪرڻ جي ارادي سان فارم تي پهتو هو. پوليس چارئي ڄڻن کي حراست ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽن موجب ڇاپي دوران غيرقانوني فيڪٽري مان وڏي مقدار ۾ سامان پڻ هٿ ڪيو ويو. تلاشي دوران 236 پلاسٽڪ جون بوتلون، مقامي شراب سان ڀريل ڊرم، شراب تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ خام مال ۽ وڪري مان حاصل ٿيل رقم برآمد ڪئي وئي.
پوليس جي شروعاتي جاچ موجب ٽنهي گرفتار جوابدارن دوران پڇا ڳاڇا اعتراف ڪيو ته هو مذڪوره هنڌ کي شراب تيار ڪرڻ، ذخيرو ڪرڻ ۽ مختلف هنڌن تي سپلاءِ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا هئا.
چوٿين گرفتار جوابدار پڻ مبينا طور تي شراب خريد ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جي ارادي جو اعتراف ڪيو آهي. اختيارين موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ غيرقانوني سرگرمي ۾ ملوث ٻين ماڻهن بابت پڻ معلومات حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.
جاچ دوران اهو به سامهون آيو ته گرفتار ٿيل جوابدارن مان 3 ڄڻا اڳ ئي مختلف ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا. انهن مان هڪ جوابدار مبينا طور تي فراڊ جي ڪيس ۾ پڻ گهربل هو.
ڪويت جي گهرو وزارت موجب گرفتار سمورن جوابدارن خلاف ملڪ جي قانون تحت قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اختيارين واضح ڪيو آهي ته غيرقانوني سرگرمين لاءِ استعمال ٿيندڙ هنڌ خلاف پڻ ڪارروائي ڪئي پئي وڃي ۽ مذڪوره غيرقانوني جاءِ کي ڊاهڻ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
سيڪيورٽي ادارن جي هن ڪارروائي کانپوءِ ڪويت ۾ غيرقانوني
