پروفيسر ڊاڪٽر عارف ساقي تي مبينا تشدد جو ڪيس سچل ٿاڻي تي داخل
پروفيسر ڊاڪٽر عارف ساقي تي مبينا تشدد واري معاملي ۾ سچل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڪيس پروفيسر ڊاڪٽر عارف ساقي جي فرياد تي ڌمڪين ۽ ٽيليگراف ايڪٽ جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو.
ايف آءِ آر موجب 8 سيپٽمبر تي ڪونين نالي شخص مبينا طور پنهنجي گن مينن سان گڏجي پروفيسر عارف ساقي تي تشدد ڪيو.
فريادي موجب 10 سيپٽمبر تي منجهند 2 وڳي کيس واٽس ايپ تي ڪال آئي، جنهن ۾ مخالف ڪونين علي شاهه کيس داخل ڪرايل ڪيس واپس وٺڻ لاءِ چيو.
پروفيسر عارف ساقي جو چوڻ آهي ته ڪيس واپس وٺڻ کان انڪار ڪرڻ تي جوابدار کيس سنگين نتيجا ڀوڳڻ ۽ جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون.
ايف آءِ آر ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪونين شاهه خلاف فوري ۽ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
