چين جي بندرگاهه تي ڪارگو جهاز ۾ خوفناڪ باهه، 25 ڄڻا فوت جهاز ۾ اوچتو خوفناڪ باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻااري جهاز ۾ باهه لڳي. جهاز پرڏيهي جهنڊي هي ڊگهو ۽ لائيبيريا جو جهنڊو کڻي هلندڙ مال بردارهاٽو دونهون نڪري رهيو هو، جڏهن ته ڪنهن به ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه
بيجنگ: چين جي شهر چنگ دائو ۾ شپ يارڊ تي مرمت لاءِ بيٺل ڪارگو جهاز ۾ اوچتو خوفناڪ باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا فوت ٿي ويا.
رپورٽن موجب مقامي وقت مطابق صبح 11 لڳي 15 منٽن ڌاري جهاز ۾ باهه لڳي. جهاز پرڏيهي جهنڊي هيٺ هلندڙ هو ۽ 31 آگسٽ تي چنگ دائو پهتو هو.
سرڪاري ميڊيا موجب جهاز جو نالو اوشن ميلوڊي آهي، جيڪو 190 ميٽر ڊگهو ۽ لائيبيريا جو جهنڊو کڻي هلندڙ مال بردار جهاز آهي.
اکين ڏٺي شاهد موجب جهاز مان گهاٽو دونهون نڪري رهيو هو، جڏهن ته ڪنهن به ڌماڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ نه آيو. باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي.
چيني صدر شي جن پنگ وڏي پيماني تي سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
