گوگل پاران موسم جي اڳڪٿي جو جديد ھٿرادو ڏاھپ وارو نظام متعارف

ٽيڪنالاجي جي ددنيا جي معروف ترين عالمي ڪمپني گوگل موسم جي اڳڪٿي جي نظام ۾ انقلاب آڻيندي ھڪ نئون ۽ جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس (ھٿرادو ڏاھپ) تي ٻڌل سسٽم متعارف ڪرائي ڇڏيو آھي. گوگل جي ذيلي ادارن ’گوگل ڊيپ مائنڊ‘ ۽ ’گوگل ريسرچ‘ گڏيل طور تي ھن نئين جديد نظام کي پيش ڪيو آھي، جنھن کي ’ويدر نيڪسٽ 3‘ جو نالو ڏنو ويو آھي. ھن جديد نظام جو بنياد مڪمل طور تي جديد ترين ٽيڪنالاجي ۽ ھٿرادو ڏاھپ تي رڪيو ويو آھي، جنھن جو مقصد عالمي سطح تي موسم جي صورتحال ۽ تبديلين جي اڳڪٿي کي وڌيڪ بھتر ، اثرائتو ۽ سچو بڻائڻ آھي.

گوگل پاران جاري ڪيل تفصيلي پڌرائي موجب، ھي نئون سسٽم سڄي دنيا ۾ موسم جي اڳڪٿي لاءِ ھڪ نھايت ئي جديد ۽ منفرد نمونو ثابت ٿيندو. ڌرتيءَ جي چوڌاري مختلف موسمي تبديلين ۽ عنصرن جو بغور جائزو وٺڻ لاءِ ھي نظام ھٿرادو ڏاھپ جي جديد ترين الگورٿمز جي مدد سان ڪم ڪري ٿو. ھن سسٽم ذريعي طوفانن، برساتن، گرميءَ جي لھرن ۽ ٻين موسمي خطرن بابت وقت سر ۽ درست معلومات حاصل ڪرڻ ممڪن ٿي ويندي، جنھن سان نتيجي طور دنيا جي مختلف ملڪن کي اڳواٽ ئي ھنگامي حالتن سان وڙھڻ ۾ وڏي مدد ملندي.ان حوالي سان ماھرن جو چوڻ آھي تھ موسمياتي تبديلين سبب سڄي دنيا ۾ جتي موسم جو نظام انتھائي غير يقيني صورتحال اختيار ڪري چڪو آھي، اتي گوگل جو ھي نئون ھٿرادو ڏاھپ وارو نظام انساني زندگين ۽ املاڪ کي بچائڻ لاءِ ھڪ اھم سنگ ميل ثابت ٿيندو. ھن نظام جي اچڻ سان موسم جي اڳڪٿي واري شعبي ۾ ھڪ نئون دور شروع ٿيو آھي، جتي ڊيٽا جي تجزيي جو عمل نھ صرف تيز ٿي ويو آھي پر ان ۾ غلطيءَ جا امڪان پڻ گھٽجي ويا آھن. بين الاقوامي سطح تي ھن قدم کي انتھائي ساراھيو پيو وڃي.