يئرپورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ پاران بين الاقوامي مسافرن ۽ خاص طور عمري جي زائرين لاءِ اهم اعلان سامهون آيو آهي. ايئرپورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل پڌرائي موجب 14 سيپٽمبر کان نادرا ویکسينيشن سرٽيفڪيٽ کانسواءِ بين الاقوامي سفر تي پابندي لاڳو ڪئي وينديپڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته عمري تي سعودي عرب ويندڙ زائرين کي روانگي کان اڳ نادرا پاران جاري ڪيل ویکسينيشن ڪارڊ يا سرٽيفڪيٽ لازمي طور حاصل ڪرڻو پوندو. اختيارين مسافرن کي هدايت ڪئي آهي ته هو سفر کان اڳ پنهنجي ویکسينيشن جي گهرجن کي مڪمل ڪن، جيئن ايئرپورٽ تي ڪنهن به قسم جي پريشاني يا دير کي منهن نه ڏيڻو پوي.ايئرپورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ موجب بين الاقوامي مسافرن جي ویکسينيشن لاءِ فيڊرل گورنمينٽ سول ڊسپينسري کي واحد مرڪز قرار ڏنو ويو آهي. عمري جي زائرين سميت ٻين بين الاقوامي مسافرن کي ویکسينيشن ۽ سرٽيفڪيٽ جي حوالي سان مقرر ڪيل طريقيڪار تي عمل ڪرڻو پوندو.
اعلاميي ۾ ايئر لائنز کي پڻ هدايت ڪئي وئي آهي ته عمري جي زائرين جي ویکسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق کي يقيني بڻائين. اختيارين جو چوڻ آهي ته مسافرن جي سفري دستاويزن سان گڏ ویکسينيشن سرٽيفڪيٽ جي پڻ جانچ ڪئي ويندي، تنهنڪري مسافر روانگي کان اڳ سمورا ضروري دستاويز مڪمل رکن.نادرا ۾ قطار کان بچڻ لاءِ اڳواٽ وقت ڪيئن ورتو وڃي؟ايئرپورٽ هيلٿ ڊپارٽمينٽ جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيڪي مسافر ايئرپورٽ تي ویکسينيشن ڪرائڻ چاهين ٿا، اهي پنهنجي پرواز جي مقرر وقت کان گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪلاڪ اڳ ايئرپورٽ پهچن.مسافرن جي سهولت لاءِ انٽرنيشنل ڊپارچر واري هنڌ تي ویکسينيشن ۽ آن لائن رجسٽريشن جو عمل پڻ ڪيو ويندو. مسافرن کي صلاح ڏني وئي آهي ته هو آخري وقت تائين انتظار ڪرڻ بدران اڳواٽ پنهنجا ضروري انتظام مڪمل ڪن، جيئن ايئرپورٽ تي رش، قطار يا دستاويزن جي کوٽ سبب سندن سفر متاثر نه ٿئيمري جي زائرين کي خاص طور تي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو روانگي کان اڳ پنهنجي ویکسينيشن جي صورتحال، نادرا سرٽيفڪيٽ ۽ ٻين سفري دستاويزن جي تصديق ڪري وٺن. ايئر لائنز کي به پابند ڪيو ويو آهي ته اهي مسافرن جي ویکسينيشن سرٽيفڪيٽ جي تصديق کانپوءِ سفري عمل کي اڳتي وڌائين اختيارين موجب نئين انتظام جو مقصد بين الاقوامي مسافرن، خاص طور عمري جي زائرين جي ویکسينيشن بابت گهرجن کي يقيني بڻائڻ ۽ سفر دوران ڪنهن به قسم جي تڪليف کان بچائڻ آهي. مسافرن کي چيو ويو آهي ته هو سفر کان اڳ لاڳاپيل هدايتن تي عمل ڪن ۽ ویکسينيشن سرٽيفڪيٽ لازمي طور پنهنجي دستاويزن سان گڏ رکن.
