ڀارت جي رياست اتر پرديش جي ضلعي اعظم ڳڙهه ۾ پوليس شادي جي نالي تي نوجوان ڇوڪرن کي دوکو ڏئي مالي طور ڦريندڙ هڪ گروهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس ڪارروائي دوران 7 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 5 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن. گرفتار ٿيلن ۾ اها عورت پڻ شامل آهي، جيڪا مبينا طور تي جعلي ڪنوار بڻجي نوجوانن سان شادي ڪندي هئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب پوليس شادي جي نالي تي فراڊ ۽ ڦرلٽ ڪندڙ گروهه جو پتو لڳائي ورتو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گروهه خاص طور تي انهن نوجوان ڇوڪرن کي نشانو بڻائيندو هو، جن جي ڪنهن سبب جي ڪري شادي نه ٿي رهي هئي ۽ جيڪي رشتن جي ڳولا ۾ هوندا هئا.
پوليس موجب جوابدار واٽس ايپ ۽ ٻين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن ذريعي نوجوانن ۽ انهن جي خاندانن سان رابطو ڪندا هئا. شادي لاءِ ڇوڪري جون تصويرون ڏيکاري نوجوان جي خاندان کي راضي ڪيو ويندو هو. رشتو طئي ٿيڻ کانپوءِ شادي جي رسم لاءِ ڇوڪري ۽ سندس مبينا مائٽن سان گڏ ڇوڪري کي مندر وٺي ويندا هئا، جتي باقاعده شادي جون رسمون ادا ڪرايون وينديون هيون.
شادي دوران نوجوان جي خاندان پاران ڪنوار کي تحفا پڻ ڏنا ويندا هئا. انهن تحفن ۾ زيور، نقد رقم ۽ ٻيون قيمتي شيون شامل هونديون هيون. شادي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ جڏهن نوجوان پنهنجي نئين ڪنوار کي وٺي گهر ڏانهن روانو ٿيندو هو ته گروهه جا ٻيا ماڻهو مبينا طور تي رستي ۾ سندن گاڏي روڪيندا هئا.
جعلي مائٽ بڻجي ڪنوار ۽ تحفا کڻي فرار ٿي ويندا هئا
پوليس اختيارين موجب گاڏي روڪڻ کانپوءِ گروهه جا ماڻهو پاڻ کي ڪنوار جا مائٽ يا رشتيدار ظاهر ڪندا هئا. ان دوران اهي نوجوان ۽ سندس خاندان کي مختلف ڳالهين ۾ الجهائي ڪنوار کي پاڻ سان گڏ وٺي ويندا هئا. جوابدار ڪنوار سان گڏ شادي دوران مليل زيور، نقد رقم ۽ ٻيا تحفا پڻ کڻي فرار ٿي ويندا هئا.
رپورٽن موجب هن طريقي سان گروهه ڪيترن ئي نوجوانن کي مبينا طور تي نشانو بڻايو. فراڊ جو شڪار ٿيندڙ ماڻهن پاران شڪايتون ملڻ کانپوءِ پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪئي ۽ گروهه تائين پهچڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.
پوليس ڪارروائي دوران 7 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن ۾ 5 مرد ۽ 2 عورتون شامل آهن. اختيارين جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گروهه جي ٻين سرگرمين ۽ ان ۾ وڌيڪ ماڻهن جي ملوث هجڻ بابت پڻ جاچ جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته شادي جي نالي تي ٿيندڙ اهڙن فراڊن کان بچڻ لاءِ خاندانن کي گهرجي ته ڪنهن به رشتي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ ڇوڪري ۽ سندس خاندان بابت مڪمل تصديق ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي ملندڙ معلومات تي بنا جاچ جي ڀروسو نه ڪن.
اعظم ڳڙهه پوليس جي ڪارروائي کانپوءِ اميد ڪئي پئي وڃي ته هن گروهه جي مبينا فراڊ جو شڪار ٿيل وڌيڪ ماڻهو پڻ سامهون ايندا ۽ جاچ دوران واقعي جا وڌيڪ تفصيل سامهون ايندا.
