ڀارت ۾ برڪس اجلاس ۾ شرڪت لاءِ موجود ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم هڪ ڀارتي ميڊيا انٽرويو دوران پاڪستان بابت الزام مڃڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو. ڀارتي صحافي طرفان پهلگام واقعي جو حوالو ڏئي پاڪستان تي رياستي دهشتگردي جو الزام لڳرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ملائيشيا جي وزيراعظم اهڙي دعويٰ جي حمايت ڪرڻ بدران واضح موقف اختيار انٽرويو دوران ميزبان پاڪستان کي ڀارت ۾ ٿيندڙ مبينا دهشتگرد واقعن سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي. انور ابراهيم جواب ڏيندي چيو ته هو وزيراعظم جي حيثيت سان انهن ئي حقيقتن ۽ معلومات جي بنياد تي ڳالهائي سگهن ٿا، جيڪي لاڳاپيل رياستي ادارن طرفان فراهم ڪيون ويون هجن.ملائيشيا جي وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملائيشيا جي انٽيليجنس ادارن طرفان ڪڏهن به اهڙي ڪا رپورٽ پيش نه ڪئي وئي آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ته پاڪستان ڀارت ۾ ڪنهن رياستي دهشتگردي ۾ ملوث رهيو آهي. اهڙي طرح هن ڀارتي صحافي جي پاڪستان خلاف الزام کي سڌي طرح تسليم ڪرڻ کان پاسو ڪيو ۽ معاملن کي حقيقتن ۽ تصديق ٿيل معلومات سان جوڙيو.
انور ابراهيم جي ان موقف کي پاڪستان بابت هڪ اهم سفارتي بيان طور ڏٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هن ڀارتي ميڊيا جي سوال باوجود ڪنهن ملڪ خلاف بنا تصديق الزام لڳائڻ کان پاسو ڪيو.انٽرويو دوران ملائيشيا جي وزيراعظم فلسطين جي صورتحال تي پڻ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو. هن فلسطين تي اسرائيلي قبضي ۽ بي هٿيار عوام خلاف جاري بمباري جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن فلسطيني عوام سان ٿيندڙ انساني ناان
