مظاهرين حڪومت پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي مختلف هنڌن تي ٽائر ساڙيا، جڏهن ته اهم شاهراهن کي ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور بند رکيو ويو۔حتجاج ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ ڪيل واڌ فوري طور واپس ورتي وڃي ۽ قيمتون گهٽ ڪيون وڃن۔
واضح رهي ته شامي حڪومت اڄ ئي پيٽرول جي قيمت ۾ 30 سيڪڙو ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 40 سيڪڙو واڌ جو باضابطه اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ عوام طرفان شديد ردعمل سامهون آيو آهي۔
