واشنگٽن: آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪيو آهي ته آمريڪا مصنوعي ذهانت (AI) جي شعبي ۾ چين کان اڳتي آهي۔

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽرمپ آئرلينڊ ۾ پنهنجي گالف ڪورس تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا دنيا جو سڀ کان جديد ملڪ آهي ۽ هو چاهي ٿو ته مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ آمريڪا جي عالمي برتري برقرار رهي۔

ٽرمپ جو چوڻ هو ته جيڪو ملڪ مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳتي هوندو، اهو ئي ڪاميابي حاصل ڪندو۔

هن مصنوعي ذهانت بابت وڌندڙ خدشن کي ڪجهه ’منفي قوتن‘ پاران وڌائي چڙهائي پيش ڪرڻ جو الزام پڻ لڳايو۔

ٻئي طرف مصنوعي ذهانت جي تيزيءَ سان وڌندڙ خطرن بابت آمريڪا ۾ ڳڻتي وڌي رهي آهي۔ اي آءِ ڪمپني اينٿروپڪ جي سربراهه ڊيريو اموڊي خبردار ڪيو آهي ته مصنوعي ذهانت جي تيز رفتار ترقي ويجهي مستقبل ۾ انسانيت لاءِ سنگين خطرو بڻجي سگهي ٿي۔

اموڊي مصنوعي ذهانت جي ترقي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ٽن نقطن تي ٻڌل حڪمت عملي پيش ڪندي چيو ته اي آءِ ماڊلز جي تياري روڪڻ بدران ڊولپرز کي انهن کي محفوظ بڻائڻ ۽ امڪاني خطرن جو بهتر جائزو وٺڻ لاءِ مناسب وقت ڏيڻ ضروري آهي۔

هن اهڙن واقعن جو پڻ حوالو ڏنو، جن ۾ مصنوعي ذهانت جي نظام غير مجاز سائبر ڪارروايون ڪيون ۽ پنهنجي ڪارڪردگي جانچڻ واري نظام کي هيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔