ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ کان پريس ڪانفرنس دوران سوال ڪيو ويو ته وومينز ايشيا ڪپ جي ٽرافي کين ڪڏهن ملندي؟

ڀارتي ڪوچ جواب ڏيندي چيو ته کيس ان بابت ڪجهه به خبر ناهي ۽ نه ئي ڪا ڄاڻ آهي ته ٽرافي ڪڏهن ملندي۔

ڀارتي وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪوچ موجب ٽرافي وصول نه ڪرڻ جو فيصلو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (BCCI) جي هدايت تي ڪيو ويو هو۔

هن چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ فيصلو ڪيو ۽ وومين ٽيم ان فيصلي تي عمل ڪيو۔

ياد رهي ته ڀارتي وومين ٽيم پاران ايشيا ڪپ کٽڻ کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽرافي جو تڪرار سامهون آيو، جڏهن ڀارتي ٽيم ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر محسن نقوي کان ٽي20 ايشيا ڪپ جي ٽرافي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو۔