ملڪ ۾ امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري، 17 سيپٽمبر تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ خطرو

ملڪ ۾ امڪاني ٻوڏ جي خطري کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي نيشنل ايمرجنسيز آپريشن سينٽر طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.اين ڊي ايم اي موجب 17 سيپٽمبر تائين گلگت بلتستان، خيبرپختونخوا، پنجاب ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو موجود آهي. مٿانهين علائقن ۾ متوقع برساتن سبب دريائن، ندي نالن ۽ وهڪرن ۾ پاڻي جي سطح وڌڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو ويو آهگلگت بلتستان جي ديامر، غذر، اشڪومن، گپس، ياسين، نگر، هنزه، شمشال، اسڪرڊو ۽ شگر ۾ ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.خيبرپختونخوا ۾ اپر دير، سوات، باجوڙ، ملاڪنڊ، ڪرم، ڪوهستان، مهمند ۽ اورڪزئي، جڏهن ته بلوچستان جي ژوب، شيراني ۽ موسيٰ خيل وارن علائقن ۾ پڻ ٻوڏ جو خدشو آهي.پنجاب ۾ اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، سرگوڌا، جهلم، ٽوبه ٽيڪ سنگهه ۽ شيخوپورا جي شهري علائقن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال جو خطرو ظاهر ڪيو ويو آهي.اين ڊي ايم اي امڪاني خطرن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي اڳواٽ الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ضروري تياريون مڪمل رکڻ جون هدايتون ڏنيون آهن.