ميڪسيڪو ۾ 16 سيپٽمبر تي قومي آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي عام موڪل

ميڪسيڪو ۾ 16 سيپٽمبر تي قومي آزادي جو ڏينهن ملهايو ويندو، جنهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي. قومي ڏينهن جي مناسبت سان اسڪول، سرڪاري آفيسون ۽ ڪيترائي ڪاروباري مرڪز بند رهنداتفصيل موجب، ميڪسيڪو 16 سيپٽمبر تي پنهنجو قومي آزاديءَ جو ڏينهن قومي جذبي ۽ روايتي جوش سان ملهائڻ لاءِ تيار آهي. هي ڏينهن 1810ع ۾ اسپين کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ شروع ٿيل جدوجهد جي ياد ۾ هر سال ملهايو ويندو آهي.جيتوڻيڪ آزاديءَ جو سرڪاري ڏينهن 16 سيپٽمبر آهي، پر جشن جون تقريبون 15 سيپٽمبر جي شام کان ئي شروع ٿي وينديون آهن. ان موقعي تي سڀ کان اهم تقريب ”گريٽو ڊي ڊولورس“ (Cry of Dolores) آهي، جيڪا 1810ع ۾ فادر ميگوئل هيڊالگو پاران آزاديءَ جي تاريخي سڏ جي ياد ۾ منعقد ڪئي ويندي آهي.ملڪ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قومي جهنڊا ڦڙڪايا ويندا، جڏهن ته سرڪاري چوڪن ۽ عوامي هنڌن کي ميڪسيڪو جي قومي جهنڊي جي رنگن، سائي، اڇي ۽ ڳاڙهي، سان سينگاريو ويندو.گادي واري شهر ميڪسيڪو سٽي جي تاريخي زوڪالو چوڪ تي وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿيندا، جتي ملڪ جو صدر روايتي انداز ۾ آزاديءَ جو نعرو بلند ڪندو.جشن دوران روايتي موسيقي، ثقافتي پروگرام، آتش بازي ۽ روايتي کاڌا پڻ تقريبن جو اهم حصو هوندا. دنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ ميڪسيڪن پاران پڻ پريڊز، ڪنسرٽس ۽ ثقافتي پروگرام منعقد ڪري قومي آزاديءَ جو ڏينهن ملهايو ويندو.