ڪراچي پاڪستان کي ھن وقت نون صوبن جي بلڪل بھ ضرورت ناھي، پر ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مضبوط جمھوريت، اختيارن جي حقيقي معنيٰ ۾ ھيٺين سطح تائين منتقلي، بااختيار مڪاني حڪومتن جو قيام، سڀني شھرين کي برابر حقن جي فراھمي، قانون جي برابري جي بنياد تي انصاف جي سخت ضرورت آھي. ملڪ اندر نون صوبن جو مطالبو اڪثر ڪري انتظامي مسئلن، تيزيءَ سان وڌندڙ آباديءَ جي دٻاءَ يا مختلف علائقن ۾ محرومي جي احساس جي حل طور پيش ڪيو ويندو آھي، پر تاريخ شاھد آھي صرف نقشي مٿان نيون لڪيرون ڪڍڻ سان بنيادي مسئلا حل نٿا ٿين.
ماھرن جو چوڻ آھي ت ملڪي مسئلن جو واحد حل اھو آھي ت رياست ڍانچي کي جديد تقاضن سان ھم آھنگ ڪيو وڃي ۽ وسيلن توڙي اختيارن جو مرڪزي ھٿن ۾ مرڪوز ھجڻ وارو سلسلو بند ڪيو وڃي. جيسين نچلي سطح تي عوام کي پنھنجا مسئلا پنھنجي ھٿن ۾ حل ڪرڻ جا اختيار ن ملندا، تيسي انتظامي بھتري جو خواب اڌورو رھندو. مڪاني حڪومتن جو مضبوط نظام ئي اھو واحد رستو آھي جنھن ذريعي عوام جا بنيادي مسئلا سندن در تي حل ٿي سگھن ٿا ۽ حڪومتي سطح تي شفافيت اچي سگھي ٿي.
ٻئي طرف، قانون جي حڪمراني ۽ سڀني لاءِ برابري جي انصاف جو فقدان اھڙا اھم مسئلا آھن جن ملڪ جي سماجي ۽ معاشي ترقي کي سخت نقصان پھچايو آھي. شھري حقن جو تحفظ يقيني بڻائڻ کان سواءِ ڪا بھ جمھوريت پنھنجي پيرن تي بيھي نٿي سگھي. ضرورت ھن ڳالھھ جي آھي تھ ملڪي قيادت سياسي وابستگين کان بالاتر ٿي ڪري ملڪي استحکام ۽ عوامي خوشحالي لاءِ سنجيدھ ۽ موثر قدم کڻندي اھڙا ادارا جوڙي جيڪي عوام جي حقيقي نمائندگي ڪري سողن.
