ڏھ روپين جي نوٽن جي تبديلي جون افواھون بي بنياد آھن: اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي: اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) ڏھن روپين جي ماليت جي پراڻن ۽ رائج ڪرنسي نوٽن کي تبديل ڪرائڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خبرن ۽ افواھن کي مڪمل طور تي رد ڪري ڇڏيو آھي. مرڪزي بئنڪ واضح ڪيو آھي تھ عوام ۾ اھا غلط بياني پکيڙي پئي وڃي تھ ڏھن روپين جا نوٽ بند ٿيڻ وارا آھن يا انھن کي تبديل ڪرائڻ جي آخري تاريخ ويجھو آھي، جيڪا سراسر بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ ڳالھ آھي.

اسٽيٽ بئنڪ جي ترجمان پاران جاري ڪيل ھڪ بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ڏھن روپين جا سمورا نوٽ پنھنجي مقرر مدي تائين قانوني ڪرنسي جي حيثيت سان پوري ملڪ ۾ ڪتب ايندا رھندا. مرڪزي بئنڪ عوام کي اپيل ڪئي آھي تھ اھڙين بي بنياد افواھن تي ھرگز يقين نھ ڪن، جيڪي صرف عوام ۾ ھراس ۽ مونجھارو پيدا ڪرڻ لاءِ ڦھلايون پيون وڃن. بئنڪ ذريعن موجب، ڪنھن بھ قسم جي نئين پاليسي يا نوٽن جي تبديليءَ بابت فيصلو سرڪاري ذريعن ۽ ميڊيا ذريعي باضابطا طور عوام تائين پھچايو ويندو آھي.

مالي معاملن جي ماھرن پڻ شھرين تي زور ڏنو آھي تھ اھي غير تصديق شدھ خبرن تي اعتبار نھ ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي ايندڙ اھڙن پيغامن کي اڳيان موڪلڻ کان پاسو ڪن. اسٽيٽ بئنڪ جي ھن بروقت وضاحت کان پوءِ عوام ۾ پکڙيل غير يقيني واري صورتحال ختم ٿي وئي آھي، ۽ شھرين کي خاطري ڪرائي وئي آھي تھ انھن جا ڏھن روپين جا نوٽ مڪمل طور تي محفوظ ۽ قابلِ قبول آھن.