لاڙڪاڻو21 سيپٽمبر 1988ع جو اھو تاريخي ۽ روشن ڏينھن ھو، جڏھن شھيد راڻي محترمھ بينظير ڀٽو جي گھر ۾ ھڪ اھڙي نوبادي گل جنم ورتو، جنھن اڳتي ھلي پاڪستان جي سياست ۾ ھڪ نئون روح ڦوڪيو ۽ ملڪي جمھوريت کي نئين سر زندگي بخشي. اھو مبارڪ ھستي ڪو ٻيو نھ پر اڄ جو نوجوانن جو محبوب ۽ دلين تي راڄ ڪندڙ چيئرمين پاڪستان پيپلز پارٽي لاول ڀٽو زرداري آھي، جنھن پنھنجي سياسي بصيرت ۽ پدري ورثي سان ملڪي سياست کي ھڪ نئون رخ ڏنو آھي
بلاول ڀٽو زرداري صرف ھڪ سياسي نالو ناھ، پر اھو شھيدن جي قربانين، پورھيتن جي اميدن ۽ سنڌ سميت سڄي پاڪستان جي عوام جي خوشحاليءَ جي ضامن علامت آھي. سندس پيدائش کان وٺي اڄ تائين جو سفر چئلينجز سان ڀريل رھيو آھي، پر ھن پنھنجي ھمٿ، حوصلي ۽ عوام دوست سوچ سان ھر مشڪل جو مقابلو ڪيو آھي. سندس شخصيت ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي فڪر ۽ شھيد بينظير ڀٽو جي عزم جو عڪس صاف نظر اچي ٿو، جنھن ملڪ اندر جمھوريت جي بحالي ۽ آئين جي بالدستيءَ لاءِ بي مثال جدوجھد ڪئي آھي
اڄ جو نوجوان بلاول ڀٽو زرداريءَ کي پنھنجي روشن مستقبل جو معمار سمجھي ٿو، ڇاڪاڻ ت ھن ھميشھ نوجوانن کي سياست ۾ آڻڻ، کين روزگار جا موقعو فراھم ڪرڻ ۽ ملڪ جي ترقي ۾ حصيدار بڻائڻ لاءِ مؤثر قدم کنيا آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين ملڪ کي موجودھ معاشي ۽ سياسي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ھميشھ مف مومت ۽ جمھوريت جي رستي تي ھلي رھيو آھي، جيڪو سندس پختي سياسي شعور جو واضح ثبوت آھي.
