اسلام آباد: وفاقي راجڌاني ۾ ڪرپشن جو ھڪ و وڏو اسڪينڊل سامھون آيو آھي، جتي فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سرڪاري گودام مان لکن روپين جي ماليت جا قيمتي سگريٽ پراسرار طور غائب ٿيڻ جو ڪيس و سامھون آيو آھي . ذريعن موجب ھن جعلسازي ۽ مال چوري جي واقعي ۾ لکين نھ پر 25 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ماليت جا سگريٽ غائب ڪيا ويا آھن، معاملو سامھون اچڻ بعد ملڪي ادارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو آھي.
وفاقي اداري ۽ ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سيل پاران ھن سنگين معاملي جو نوٽيس وٺندي باضابطھ طور تي ڪيس درج ڪيو ويو آھي . جاچ ٽيم جو چوڻ آھي تھ ھن ڪم ۾ گودام جا ڪجھ لاڳاپيل عملدار پڻ ملوث ٿي سگھن ٿا، جن جي نشاندھي ٿي آھي . ايف آءِ اي جي مختلف ٽيمن پاران نامزد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن ۽ سندن گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيو پيو وڃن
ابتدائي رپورٽن ۾ انڪشاف ٿيو آھي تھ ھي سگريٽ مختلف ڪارروائين دوران اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ضبط ڪيا ويا ھئا ۽ کين ايف بي آر جي محفوظ تحويل ۾ رکيو ويو ھو. پر بااثر ماڻھن جي ملي ڀگت سان ھن وڏي ماليت جي سامان کي غائب ڪيو ويو.
