لاھور لاھور جي ڊپٽي ڪمشنر جي حڪم تحت تحريڪ انصاف جي باني جي ھمشيرھ عليما خان کي امن امان ۾ خلل وجھڻ واري قانوني شق ذريعي حراست ۾ ورتو ويو آھي. پوليس پاران کيس سخت سيڪيورٽي حصار ۾ 30 ڏينھن جي نظربنديءَ لاءَ ڪوٽ لکپت جيل منتقل ڪيو ويو آھي، جنھن تي سياسي حلقن ۾ سخت احتجاج جو سلسلو شروع ٿي چڪو آھي.
سياسي تجزي ڪارن موجب، ھيءَ گرفتاري حڪومت جي اندروني بدحواسي ۽ خوف جي عڪاسي ڪري ٿي. ايندڙ 27 سيپٽمبر تي تحريڪ انصاف جي متوقع احتجاج ۽ اسلام آباد ڏانھن مارچ جي پسمنظر ۾ حڪومتي ايوانن ۾ شديد بيچيني پيدا ٿي چڪي آھي، جنھن کي منھن ڏيڻ لاءَ رياستي مشينري کي بغير ڪنھن جواز جي استعمال ڪيو پيو وڃي.
حڪومت جي اھڙن سخت قدمن جي باوجود عوام ۽ سياسي ورڪرن ۾ جوش ۽ خروش گھٽجڻ بدران وڌي رھيو آھي. قانوني ماھرن جو چوڻ آھي تھ جمھوري ملڪن ۾ پرامن احتجاج ڪرڻ ھر شھري جو آئيني حق آھي، پر موجودھ حڪومت پنھنجي ناڪمين کي لڪائڻ لاءَ طاقت جو بيجا استعمال ڪري رھي آھي، جنھن سان ملڪ ۾ سياسي عدم وڌي رھيو آھي.
